انواد سوسائٽي بمبئي

انواد سوسائٽي، بمبئي: 1977ع ڌاري هيءَ ڊرئميٽڪ سوسائٽي بمبئيءَ ۾ قائم ٿي، جنهن جا بانيڪار سنڌيءَ جا ناميارا ليکڪ جسونت ڪمار، رميش مهتا، وشنو ڀاٽيا ۽ مدن جماڻي هئا. هن سوسائٽيءَ مشهور ناٽڪ: ادو عبدالرحمان، ميونسپل ڪائونسلر، انڌڪار، شڪار، پريم پکيئڙا، گرائونڊ فلور، سچ ڇا آهي وغيره ڪيا، جن ۾ حصو وٺندڙ ڪلاڪار:بينا منسکاڻي، رتنا پنجابي، آشا چاند، شيلا ساجناڻي، هري رامچنداڻي، لڪشمي منسکاڻي، لتا منواڻي، شرت ڀڳتياڻي، بنسي هرياڻي ،رينو لعلواڻي، ليلو پنجواڻي، اجيت وڇاڻي، جڳديش شرما، مدن جماڻي، منوج ڪمار، پريم لالا، دليپ چڳاڻي، جسونت ڪمار، رميش ڪرناڻي، سريچند ماکيجا، نريندر بجاج، سريش بلواڻي، اشوڪ کتري، رميش ڀاوناڻي، رام لهيجا، موهن ڊنگرا ۽ پرڪاش چوڌري هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو